شڪر ڍنڍ

شڪر ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي شهيد بينظيرآباد ۾ شهر سڪرنڊ لڳ ڏکڻ طرف هوندي هئي، جنهن جا هن وقت نشان باقي آهن. ڪتاب ’فتح نامه‘ (فارسي) ۽ ’شاهنامه سنڌ‘ موجب شڪر ڍنڍ جو پاڻي مٺو، شفاف ۽ صحت بخش هو. ان ڪري ڍنڍ جو نالو ’شڪر ڍنڍ‘يعني مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ مشهور ٿيو. ڍنڍ جي چوڌاري وڻ هوندا هئا، ڍنڍ جي وچ تي ميرن جي محلات هئي، جتي مير شڪار ڪرڻ لاءِ اچي ترسندا هئا. مير فتح علي خان ٽالپر ڍنڍ جي ڀرسان مٿانهين جاءِ تي فتح آباد قلعو جوڙايو، جيڪو هن وقت ناهي رهيو پر هموار زمين کان ڏهه- پندرهن فوٽ مٿي دڙي جي صورت ۾ ماڳ ان قلعي جي نشاندهي ڪري ٿو. اهو ماڳ هن وقت ’پراڻو سڪرنڊ‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. شڪر ڍنڍ تي ملاحن جا ڳوٺ ۽ مياڻيون هيون. سڪرنڊ فارم لڳ اڄ به ’مياڻ‘ ڳوٺ موجود آهي. شڪر ڍنڍ ۾ درياهي پاڻي ايندو هو، انگريزن سنڌ تي قبضي بعد درياهي ٻوڏن کان بچڻ لاءِ درياهه تي ڪيترائي بند ٻڌا، جنهن سبب هي ڍنڍ پاڻي نه ملڻ ڪري سُڪي وئي. مقامي ماڻهن وٽ اها روايت پڻ عام آهي ته سڪرنڊ شهر تي اهو نالو پڻ انهي ’شڪر‘ ڍنڍ پويان پيو. سڪرنڊ شهر کان اولهه- ڏکڻ طرف کان گذرندڙ باءِ پاس روڊ شڪر ڍنڍ جي پيٽ مان گذري ٿو.


لفظ شڪر ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو